113

غير جمهوري قوتن کي ڪڍڻ ڄاڻون ٿا، حڪومت هٽائڻ جو بهتر طريقو بي اعتمادي رٿ آهي، اتحادين کي راضي ڪنداسين: بلاول ڀٽو

لاڙڪاڻو (رپورٽ: اياز ساريو) پاڪستان پيپلز پارٽي وزير اعظم، اسپيڪر ۽ پنجاب جي وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي ۽ ان حڪمت عملي تي اتحادين کي راضي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو  ”لاڙڪاڻو انڊسٽريل اسٽيٽ“ جو افتتاح ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته غير جمهوري قوتن کي ڪڍڻ ڄاڻون ٿا، حڪومت هٽائڻ جو ڀلو طريقو بي اعتمادي رٿ آهي، اتحادين کي راضي ڪنداسين. بي اعتمادي رٿ هڪ آئيني، جمهوري ۽ قانوني طريقو ئي آهي، جڏهن اسين اهو حملو ڪنداسين تي ڪٺ پتلي کي گهر وڃڻو ئي پوندو. هن چيو ته  ڪٺ پتلي ناجائز، نالائق ۽ نااهل وزيراعظم، قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر ۽ پنجاب جي وڏي وزير  خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ لاءِ اتحادين کي  هڪ پيج تي آڻينداسين. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن عمران خان جي عوام دشمني پاليسي جي رستي ۾ ڪا رڪاوٽ آهي ته اُها پيپلز پارٽي آهي ۽ اسان جو سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه آهي اهو ئي ڪارڻ آهي ته پيپلز پارٽي ۽ ان جي قيادت کي ميڊيا ۽ نيب جي ذريعي ٽارگيٽ ڪيو ويو آهي پيپلز پارٽي ڄاڻي ٿي ته اسان کي ڪهڙي طريقي سان اهڙين سازشن جو مقابلو ڪرڻو آهي. اسين اِهو به ڄاڻو ٿا ته سياست ڇا ٿيندي آهي؟ ۽ اِهو به ڄاڻون ٿا ته غير جمهوري قوتن کي حڪومت مان ڪيئن ڪڍڻو آهي، اسين پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان هن حڪومت جي خلاف نڪتا آهيون، اسين هن نالائق، ناجائز ۽ نااهل حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ چاهيون ٿا. پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان پي پي پي جمهوري، آئيني ۽ قانوني طريقي سان هن حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪنداسين. هن چيو ته جڏهن اسان پي ڊي ايم جي سمورن ميمبرن کي راضي ڪنداسين ته جيڪڏهن اسان کي وار ڪرڻو آهي ته اسيمبلي ۾ ڪرڻو آهي جيڪڏهن اسان کي وار ڪرڻو آهي ته آئيني، جمهوري ۽ قانوني طريقو سان ڪرڻو آهي. اسين ڪٺ پتلي ناجائز، نالائق ۽ نااهل وزيراعظم، قومي اسيمبلي ءَ جي اسپيڪر ۽ پنجاب جي وڏي وزير  خلاف بي اعتمادي رٿ آڻيون، اسان پنهنجي اتحادين کي ان حڪمت عملي تي هڪ پيج تي آڻينداسين پوءِ انشاءَ الله هنن جا جيترا پگهر اسان جي چانهه جي دعوتن سان نڪرندا ايترا اسان جي 10، 10 جلسن سان به نه نڪرندا هوندا. اسين هڪ اهڙي عوامي حڪومت آڻڻ چاهيون ٿا جيڪا عوام جي نمائندگي ڪري جيڪي عوام جي ذريعي اقتدار ۾ اچي جڏهن عوام جي ذريعي حڪومت ٺهندي آهي ته پوءِ عوام جو به خيال رکيو ويندو آهي ۽ عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.  هن چيو ته وفاقي حڪومت ڏکي معاشي صورتحال ۾ ملڪ جي عوام ۽ خاص طور سنڌ جي عوام کي لاوارث ڇڏيو آهي پر هاڻي سنڌ حڪومت ۽ اسان کي هتان جي مقامي ڪاروبار ۽ صنعتن لاءِ ڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت جيڪو واعدو ڪيو هو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندا ۽ 50 لک گهر ٺاهيندا اهي اسان اڄ ڏينهن تائين ڪو نه ڏٺا آهن پر سنڌ حڪومت گهٽ وسيلن ۽ وڌيڪ محنت سان عوام جي خدمت جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ گڏوگڏ اسان پنهنجي حقن جي لاءِ به جدوجهد به ڪري رهيا آهيون.  هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مختلف جماعتن جي حڪومتن جو طريقو الڳ الڳ رهيو آهي، عمران خان جو صنعت، صنعڪارن ۽ مزدورن سان ڊيل ڪرڻ جو جيڪو طريقو آهي اهو سڀني جي سامهون آهي، پاڪستان جي معيشت کي جيترو نقصان ٻن سالن ۾ ٿيو آهي ايترو پاڪستان جي تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن به نه ٿيو آهي، اسان جو اڪنامڪ گروٿ ريٽ افغانستان ۽ بنگلاديش کان به پوئتي ٿي ويو. اسان ڏٺو آهي ته جنهن طريقي سان هن حڪومت اسان جي واپارين سان  ڊيل ڪيو آهي ۽ جيڪو به ڪاروبار ڪري ٿو ۽ صنعت هلائي ٿو ته اِهو انهن جي نظر ۾ چور آهي ۽ انهن جي پويان چاهي اُهو ايف بي آر هجي زبردستي شناختي ڪارڊ جي پاليسي جو شرط رکي انهن کي پنهنجو نه سمجهي ۽ دشمن سمجهي ڪري انهن سان جهڙو سلوڪ ڪيو ويو ۽ وفاقي حڪومت ڏنڊي جي زور سان ٽئڪس اوڳاڙي  ڪري ملڪ هلائڻ گهري ٿي پر سنڌ حڪومت ڏنڊو استعمال ڪرڻ بنا ٽئڪس اوڳاڙي جو  مثال قائم ڪري ڇڏيو آهي ته سنڌ صوبي جو  ٻين صوبن ۽ ايف بي آر جي ڀيٽ ۾ ٽئڪس روينيو ۾ واڌ ٿي آهي،  اسان پنهنجا گهٽ ٽئڪس لاڳو ڪيا هن وقت سنڌ ۾ سيلز ٽئڪس ريٽ ٻين صوبن کان گهٽ آهي جن کان اسان ٽئڪس ورتو انهن کي اسان ڏوهاري ڪو نه سمجهيو انهن کي ڪري ٽئڪس ڏيڻ راضي ڪري ٽئڪس جي دائري ۾ آندو.بلاول ڀٽو زرداري چيو  ته لاڙڪاڻو انڊسٽريل اسٽيٽ جو افتتاح ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، هن چيو ته  مزدور هجي يا هاري پي پي پي هميشه ملڪي عوام لاءِ پنهنجي منشور جي تحت خدمت ڪرڻ سان گڏ عوام لاءِ روزگار  ۽  معيشت کي ترقي ڏيارڻ لاءِ موقعا پيدا ڪيا آهن جنهن سان ملڪ جو فائدو ٿيو آهي، هن چيو ته اسان سنڌ ۾ جيڪو  انڊسٽريل زون ۽ اڪنامڪ زون جو سلسلو شروع ڪيو آهي ان سان انشاءَ الله تعاليٰ اسان جي مقامي صنعت، ڪامرس ۽ ڪاروبار کي تمام گهڻو فائدو ٿيڻ سان گڏ عوام جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. اسان ڏٺو ته ڪيئن خيرپور اڪنامڪ زون جيڪو بهتر طريقي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. ان کان اڳ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏجي  ايئرپورٽ روڊ تي ” لاڙڪاڻو انڊسٽريل اسٽيٽ” جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پي پي پي سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، صوبائي وزير صنعت، تجارت، اينٽي ڪرپشن ڄام اڪرام الله ڌاريجو، صوبائي وزير سيد ناصر شاهه، عاجز ڌامراهه، حزب الله ٻگهيو، برهان چانڊيو، سهيل انور سيال، خورشيد احمد جوڻيجو ۽ ٻيا موجود هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو