اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) غير رجسٽرڊ صنعتي ۽ ڪمرشل بجلي۽گيس صارفين تي اضافي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن پڻ جاري، رپورٽ موجب نان فائلرز صنعتي ۽ ڪمر شل صارفين تي 17 سيڪڙو تائين اضافي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، ايف بي آر نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ڄاڻايو ويو آهي ته نان فائلر ڪمرشل صارفين جي بلن تي 5 کان 17 سيڪڙو ۽ ماهوار 10هزار رپين تائين ڪمرشل صارفين بل تي 5 سيڪڙو اضافي ٽيڪس لاڳو ٿيندو، جڏهن ته ماهوار 10 کان 20 هزار رپين تائين بل تي 7 سيڪڙو ۽ 20 کان 30 هزار رپين جي بل تي 10 سيڪڙو اضافي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو، ماهوار 30 کان 40 هزار رپين تائين بل تي12 سيڪڙو ۽ 40 کان 50 هزار رپين تائين بل تي 15 سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس لڳندو، جڏهن ته ماهوار 50 هزار رپين کان وڌيڪ بل تي 17 سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو.
