15

فردوس عاشق اعواڻ عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب فردوس عاشق اعواڻ پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت خاص صلاحڪار جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ تي غور ڪري رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هن وزيراعظم عمران خان سان به ڳالهيون ڪيون آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي جواب کان پوءِ فردوس عاشق اعواڻ جي استعيفيٰ بابت ڪو حتمي فيصلو ڪيو ويندو، ان حوالي سان فردوس عاشق اعواڻ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيالڪوٽ جي ننڍي چونڊ مهم ۾ ڀرپور طريقي سان حصو وٺڻ جي لاءِ استعيفيٰ ڏئي رهي آهيان، ذريعن چيو آهي فردوس عاشق اعواڻ کي چونڊ مهم کي نظر ۾ رکندي اليڪشن ڪميشن طرفان نوٽيس جاري ڪيو ويو هو، اليڪشن ڪميشن جي پابندين کان بچڻ لاءِ هن استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، فردوس عاشق اعواڻ پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجي استعيفيٰ ڏيڻ جو باضابطه اعلان ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو