14

فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کي اهميت ڏيڻي پوندي، منهنجي ڪم بيڪ ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جو وڏو هٿ آهي

هراري (ويب ڊيسڪ) زمبابوي کي پهرئين ٽيسٽ ۾ ڏينهن جا تارا ڏيکاريندڙ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي چيو آهي ته منهنجي ٽيم ۾ واپسي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ سبب ٿي، گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي حسن علي چيو ته اسان کي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کي اهميت ڏيڻي پوندي، منهنجي ڪم بيڪ ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جو وڏو هٿ آهي، پهريون ڀيرو فرسٽ ڪلاس جا لڳاتار ايترا ميچز کيڏيا آهن، جنهن جو صلو مون کي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ ملي پيو، واپسي جو سفر تمام گهڻو مشڪل هو، 2 سال ڪرڪيٽ کان ٻاهر رهيس، ڌيءَ جي پيدائش کانپوءِ پرفارمنس ۾ بهتري آئي، هن وڌيڪ چيو ته آئون پنهنجي ڌيءَ کي تمام گهڻو ياد ڪري رهيو آهيان، هڪ هڪ ڏينهن ڳڻيان پيو، کيس هنج ۾ کڻڻ جي وڏي خواهش آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو