32

فلپائن جي هڪ عمارت ۾ باهه لڳي وئي، 300 گهر سڙي ويا، 5 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

منيلا (ويب ڊيسڪ) فلپائن جي هڪ عمارت ۾ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ماڻهو اجل جو شڪار ۽  ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته 300 گهر به سڙي رک ٿي ويا آهن.رپورٽن مطابق منيلا جي ضلعي ٽنڊو ۾ هڪ عمارت ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن  جي وڪڙ ۾ لڳ ڀڳ 300 گهر سڙي ويا ۽ لکين ماليت جو نقصان ٿيو آهي. فائر برگيڊ جي سربراهه گاوڊينسو  ميگا لينس ميڊيا کي ٻڌايو ته باهه لڳڻ سبب عمارت اندر 5 ماڻهو سڙي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن، 300 گهر سڙي ويا ۽ 600 کان وڌيڪ ڪٽنب لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هن چيو ته فوري طورتي باهه لڳڻ جو سبب معلوم ناهي ٿي سگهيو،  پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو