فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) پوليس ٿاڻي مدينه ٽائون فيصل آباد ۾ 11 سالن جي ٻارڙي صدف تي تشدد جي مشهور ڪيس ۾ ايف آءِ آر ۾ نامزد عورت جوابدار ثمينا منير زال راڻا منير کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته سندس مڙس راڻا منير اڳ ۾ ئي پوليس حراست ۾ هو. سٽي پوليس فيصل آباد جي ترجمان ٻڌايو ته 11 سالن جي ملازمه ٻارڙي صدف تي تشدد جي ڏوهه ۾ راڻا منير، سندس زال ثمينا منير ۽ هڪ اڻ ڄاتل عورت خلاف پوليس ٿاڻي مدينه ٽائون فيصل آباد ۾ڪيس رجسٽرڊ ڪيو ويو هو جنهن ۾ مرڪزي جوابدار راڻا منير کي اڳ ۾ ئي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ هاڻي پوليس ڪاروائي ڪري عورت جوابدار ثمينا منير زال راڻا منير کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آهي.
