ڪراچي/لاهور (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ٽربيونل پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا کي سينيٽ چونڊن لاءِ اهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ن ليگ جي پرويز رشيد جي نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف داخل اپيل کي به رد ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونل سينيٽ چونڊن لاءِ فيصل واوڊا جي منظوري تي رٽرننگ آفيسر جي فيصلي خلاف پيپلز پارٽي اميدوار قادر خان مندوخيل جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. اليڪشن ٽربيونل ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصل واوڊا خلاف قادر مندوخيل جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو ۽ پي ٽي آءِ اميدوار جي نامزدگي ڪاغذن کي درست قرار ڏيندي کيس سينيٽ چونڊن لاءِ اهل قرار ڏئي ڇڏيو. ٻئي پاسي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس شاهد وحيد تي ٻڌل اليڪشن ٽربيونل پرويز رشيد جي سينيٽ چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف داخل اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. پرويز رشيد جي وڪيل خالد اسحاق موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن قانون مطابق جيڪڏهن اميدوار جي ڄاڻ ۾ ڪو به يوٽيلٽي بل وغيره ناهي ته هو ادا ڪري سگهي ٿو، پرويز رشيد کي بقايا بابت ڪوبه نوٽيس يا اطلاع نه مليو هو، هي 17 جنوري 2019ع جو نوٽيس آهي، هن نوٽيس تي گهر جي ايڊريس لکيل ناهي، هي سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ اماڻيو ويو، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي پراڻي قانون ۾ ان جي اجازت نه هئي، رٽرننگ آفيسر کي 2 ڀيرا درخواست ڏني ته اسان بقايا ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، رٽرننگ آفيسر سامهون اصلي چيڪ رکيا ۽ ٻڌايو ته ڪوبه بقايا وٺڻ لاءِ تيار ناهي، هن وقت پنجاب هائوس جو ڪنٽرولر موجود آهي، اسان هاڻي به ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، جيڪڏهن هي روڪ وٺڻ چاهي ٿو ته اسان هڪ ڪلاڪ جي وقفي ۾ روڪ ڏئي ڇڏينداسين. پرويز رشيد جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن سڀاڻي اهو ثابت ٿي وڃي ته ان تي جيڪا بقايا ظاهر ڪئي وئي ان جي ڪا قانوني حيثيت ناهي، اهو ثابت ٿي وڃي ته پرويز رشيد خلاف انجنيئرنگ ڪئي وئي ته پوءِ ان جو ذميوار ڪير هوندو؟ اڄ اسان بقايا ڏيڻ لاءِ احتجاجن تيار آهيون، مستقبل ۾ اليڪشن ڪميشن فيصلو ڪري سگهي ٿي ته اها بقايا ٺهي ٿي يا نه، جيڪڏهن ثابت ٿي وڃي ته سڀاڻي ڊي سيٽ ڪري سگهجي ٿو. اعتراض ڪندڙ جي وڪيل جوابي دليل ڏيندي چيو ته پرويز رشيد پاران ڪراس چيڪ ڏنو ويو، جيڪا سندن بدديانتي ظاهر ڪري ٿو، جيڪڏهن هي چون ٿا ته ڪنٽرولر کي چئو ته رقم وٺي ته پوءِ ڪراس چيڪ ڇو ڏئي رهيا آهن؟ انهن جو مقصد رڳو پنهنجا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪرائڻ آهي، اليڪشن قانون مطابق نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کان اڳ سموريون بقايائون جمع ڪرائڻ لازمي آهي. ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ٽربيونل پرويز رشيد جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
