25

قرباني جي فضيلت ۽ عيدالاضحيٰ جو اجر…

ليکڪ: عبدالستار سولنگي

ذوالحج جو مهينو حرمت ۽ عزت وارن مهينن مان آهي، هن مهيني ۾ اسلام جو پنجون رڪن حج ادا ڪيو وڃي ٿو، ڏٺو وڃي ته اسلامي سال جي شروعات به حرمت واري مهيني محرم سان ۽ انتها به حرمت واري مهيني ذوالحج سان ٿئي ٿي، ذوالحج جو مبارڪ مهينو بيت الله جي حج ادا ڪرڻ جو وقت آهي، جيڪو سڄي زندگي ۾ هڪ ڀيرو ادا ڪرڻ مالدار مسلمان مٿان فرض آهي، ذوالحج شريف جا پهريان ڏھه ڏهاڙا آهن جيڪي فضيلت جي لحاظ کان سال جي اهم ترين ڏينهن ۾ شمار ٿين ٿا، حج ۽ قرباني جي ڏهاڙن جي شروعات به هن ڏهي سان ٿئي ٿي، ان ڪري هنن ڏينهن جي اسلام ۾ هڪ خاص اهميت آهي، الله تبارڪ و تعالي وٽ ڏينهن ۾ سڀ کان وڏو ڏينهن قرباني وارو ڏينهن آهي، ان کانپوءِ يارهين وارو ڏينهن آهي( سنن ابو دائود) يوم عرفه وارو ڏينهن لکين گنهگارن جي بخشش، مغفرت ۽ جهنم کان ڇوٽڪاري جي نويد ملڻ جو ڏينهن آهي، حضرت ابن عباس رضي الله تعالي عنه رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم کان روايت ڪئي، پاڻ فرمايائون ” نائين جو هي اهڙو ڏينهن آهي جيڪڏهن ماڻهو ان ڏينهن پنهنجي ڪنن، اکين ۽ زبان جي مالڪي ڪئي ته ان جي بخشش ڪئي وئي، اکين کي بري نظر کان محفوظ رکي زبان کي ڪوڙ، بري گفتار ڪرڻ کان بچائي ته اهو بخشجي وڃي ٿو“عيد لفظ عود مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ موٽي اچڻ آهي، مومنن لاءِ خوشين ۽ مسرتن کي کڻي ايندو آهي، عيدالاضحيٰ جي ڏينهن سڀ کان ڀلو افضل ۽ اعليٰ ڪم قرباني ڪرڻ آهي، قرباني جو لفظ ”قرب“ مان ورتل آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ (ويجهڙائپ) ان ڪري قرباني ڪرڻ واري کي به الله تعالي جو قرب حاصل ٿئي ٿو، عربي ۾ وري ان کي اضحيٰ سڏيو ويندو آهي، اضحيٰ لفظ ”ضحي“ مان ورتل آهي، جيئن عيدالاضحيٰ جي نماز يعني ڪچڙي منجهند جي وقت ادا ڪئي ويندي آهي ۽ ان کانپوءِ قرباني ڪئي ويندي آهي، شرعي اصطلاح ۾ ڪنهن جانور کي الله جي قرب حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڻ کي اضحيٰ يا قرباني چيو ويندو آهي، قرباني جي جانور جي عمر جنهن ۾  اٺ پنج سالن جو، ڳئون يا مينهن ٻن سالن جي، ٻڪر، ٻڪري، دنبو ۽ گهٽو هڪ سال جو ان کان گهٽ عمر جو هجي ته جائز نه آهي، وڌيڪ هجي ته جائز پر افضل آهي، ها دنبي يا رڍ جو ڇهن مهينن جو ٻچو جيڪڏهن ايترو وڏو هجي جو پري کان ڏسڻ ۾ سال جو معلوم ٿئي ته ان جي قرباني جائز آهي ( بهار شريعت ) قرباني جي جانور جو بي عيب هجڻ ضروري آهي، جيڪڏهن ٿورو به عيب هوندو مثال طور ڪن چيريل هجي يا ڪن ۾ سوراخ هجي ته قرباني مڪروهه ٿيندي ۽ گهڻو عيب هوندو ته قرباني نه ٿيندي (بهار شريعت حصو 15 صفحو 82)، قرباني بابت رب تعاليٰ قرآن مجيد جي سورت الحج آيت 34 ۾ حڪم فرمايو آهي ته ترجمو ” ۽ هر امت جي لاءِ اسان هڪ قرباني مقرر فرمائي جو الله جو نالو وٺي الله جي ڏنل بي زبان چوپاين کي ذبح ڪن“ قرباني ڪرڻ واري جا گناهه معاف ڪيا وڃن ٿا، سيد عالم حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته” پنهنجي اضحائن جا جانور سهڻا ڪيو (تاتي پالي متارا ڪيو) ڇو ته اهي پلصراط مٿان توهان جي سواري هوندا (تفسير القرطبي 15/111) مشڪوات شريف ۾ روايت آيل آهي، ام المومنين حضرت بي بي عائشه رضي الله تعاليٰ عنها فرمائي ٿي ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ” يوم النحر يعني عيدالاضحٰي واري ڏينهن ڪنهن شخص جو ڪوبه عمل رب پاڪ جي بارگاهه ۾ رت وهائڻ (قرباني ڪرڻ) کان وڌيڪ پسنديده نه آهي ڇو ته قيامت جي ڏينهن اهو جانور پنهنجي سڱن، وارن ۽ کرن سميت ايندو ۽ قرباني جو رت زمين تي ڪرڻ کان اڳ ۾ بارگاهه الاهي ۾ قبوليت جي مقام تي پهچي ويندو آهي، بس پوءِ ان کي خوش دلي سان ڪريو“حضرت سيدنا علي ڪرم الله وجهه کان روايت آهي ته نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته” اي انسانو! اضحٰي ڪيو ۽ ان جي رت مان ثواب جي اميد رکو، ڇو ته جڏهن رت زمين تي ڪري ٿو ته اهو الله جي پناهه ۾ اچي وڃي ٿو (مجمع الزروائد4/17)، قرباني اهو عمل آهي جيڪو ٻانهي ۽ رب جي وچ ۾ محبت پيدا ڪري ٿو، ابن ماجه ۾ حديث مبارڪ آهي ته حضرت ابو هريره رضي الله تعالي عنه فرمائي ٿو ته حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن جو ارشاد آهي ته ” جنهن شخص ۾ قرباني ڪرڻ جي وسعت هجي ۽ اهو شخص قرباني نه ڪري اهو اسان جي عيد گاهه جي ويجهو نه اچي ڇو ته قرباني صاحب نصاب تي واجب آهي، اسان کي عيد جي وڏي ڏهاڙي تي خاص ڪري جيڪي غريب، مسڪين، يتيم، بيوس، لاچار ۽ بکايل بي گهر ماڻهن جي سار سنڀال لهڻ گهرجي، انهن جي مالي مدد پڻ ڪرڻ گهرجي، غربت سبب جن کي عيد ياد ئي نه هوندي آهي انهن بي سهارن جي سار لهڻ حقيقت ڪنهن عبادت کان گهٽ نه آهي، پنهنجن خوشين ۾ انهن کي به شامل ڪجي جن کي ڪو ياد ڪرڻ وارو ئي ناهي، پنهنجون خوشيون انهن ۾ ورهائجن، ڇو جو عيد خوشين سان گڏ بخشش ۽ رحمت جو به ڏينهن هوندو آهي، ان ڪري بي سهارن جي سار لهي ثواب حاصل ڪريون، اسان کي هميشه الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ۽ عيد واري ڏينهن کي بهتر طريقي سان گذارجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو