155

قصور ڀرسان گهر جي ڇت ڊهي پٽ، 3 ڄڻا فوت، 2 زخمي

قصور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي شهر قصور ڀرسان ڳوٺ نٿي والا ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا دٻجي فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پوليس مطابق ڳوٺ نٿي والا ۾ گهر جي ڇت زبون ٿيڻ سبب ڊهي پٽ پئجي وئي، نتيجي ۾ 3 فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ٽيم زخمين کي ڊسٽرڪٽ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. اسپتال ذريعن مطابق زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو