72

قصور ۾ بيرحم پيءُ پنهنجي 5 ٻارڙن کي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، 2 لاش هٿ

قصور (ويب ڊيسڪ) قصور ۾ بيرحم پيءُ پنهنجي 5 ٻارڙن کي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته 2 ٻارڙن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن، ٻين جي ڳولا جاري آهي. رپورٽن مطابق قصور ۾  بيرحم پيءُ پنهنجي 5 ٻارڙن کي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي، اهڙي اطلاع تي امدادي ٽيمن پهچي ٽوٻن وسيلي ٻارڙن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي، مسلسل ڳولا کانپوءِ ٻن ٻارڙن جا لاش چڪوڪي ويجهو بي ايس لنڪ ڪئنال مان ڪڍيا ويا، جڏهن ته ٽن ٻارڙن جي ڳولا جاري آهي. فوت ٿيندڙ ٻارڙن ۾ هڪ سال جو احمد ۽ 4 ورهين جي فضا شامل آهن، جڏهن ته 3 ورهين جي تاشا، 5 ورهين جي زين ۽ 7 ورهين جي ناديا جي ڳولا جاري آهي. پوليس مطابق ٻارڙن کي واهه ۾ اڇلائڻ وارو نوجوان اٽاري ورڪ جو رهواسي آهي، جڏهن ته ٻارڙن کي واهه ۾ اڇلائڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي. ٻئي پاسي ڊي پي او قصور واقعي جي جاچ لاءِ ڊي ايس پي چونيان جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو