اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ امن امان جي صورتحال تباهه ڪندڙن کان خبردار رهڻ جي ضرورت آهي، پرڏيهي آفيس اسلام آباد ۾ قطري پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي بابت ٻنهي ملڪن جو گڏيل خيال آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته عالمي برادري کي افغانستان جي عوام جي انساني ۽ مالي امداد جي لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي، امن ۾ خلل وجهڻ واري عنصرن کي افغانستان ۾ افغانستان ۾ امن جي عالمي ڪوششن کي ختم ڪرڻ جو موقعو نه ملڻ گهرجي، پاڪستان جي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان امن جي ڪوششن ۾ انهن سان گڏ آهي، اسان کي افغانستان جو امن تباهه ڪندڙ عنصرن سان خبردار رهڻو پوندو، پاڪستان پاڙيسري ملڪ هجڻ جي ڪري افغانستان جي هر ممڪن مدد ڪندو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان جا منجمد ڪيل اثاثا انهن کي فوري طور تي جاري ڪيا وڃن، امن دشمن عنصرن جي ناپاڪ ارادن کي پورو ٿيڻ نه ڏينداسين، سندس چوڻ هو ته قطر افغان صورت حال جي پر امن حل لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان ۽ قطر افغانستان ۾ امن جا گڏيل ساٿي آهي، اسان قطر سان گڏجي مختلف شعبن ۾ ڪم اڳتي وڌائڻ جا خواهشمند آهيون، پرڏيهي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٻئي ملڪ افغانستان ۾ انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا ۽ افغانستان ۾ استحڪام جي دشمنن کي ڪامياب نه ٿيڻ ڏينداسين، سڀ کان اڳ افغانستان ۾ دوائن ۽ خوراڪ جي فراهمي تي ڪم ڪنداسين، افغانستان ۾ زندگيون بچائڻ هن وقت سان کان ضروري ڪم آهي.
