160

”قلندري جامو“ پهرائڻ واري صوفياڻي رسم قديمي آهي، ان کي تنگ نظريي سان نه ڏسڻ گهرجي: مانجهي فقير

حيدرآباد (ڳالهه ٻولهه: ظهير ميراڻي ۽ عزيز ڏاهري) سنڌ جي ناليوري صوفي راڳي مانجهي فقير چيو آهي ته قلندري جامو پهرائڻ واري صوفاڻي رسم قديمي آهي ۽ اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي جيڪا هن دور ۾ شروع ٿي هجي، صوفين طرفان وحدت الوجود جي سفر ۾ اعليٰ منزل تي پهچندڙ پنهنجن صوفين کي ان اعزاز سان نوازيو ويندو آهي، فقير جانڻ چن جي ساٿي صوفين مونکي به ان اعزاز سان نوازيو ته مون به اهو قبول ڪيو ۽ انڪار نه ڪري سگهيس، ان قديمي رسم کي قائم رکڻ کانسواءِ اسان جو ڪو به مقصد نه آهي، قديمي رسمون هر هنڌ موجود آهن ۽ اهي دنيا جي ترقي يافته ۽ سڌريل ملڪن ۾ به برقرار رکيل آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن روزاني ”سوڀ“ سان خصوصي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو آهي، صوفي راڳي مانجهي فقير وڌيڪ چيو آهي ته هن معاملي کي سوشل ميڊيا تي اشو ٺاهيو ويو آهي پر اسان جي پڙهيل لکيل ۽ علم توڙي شعور رکندڙ ماڻهن کي ڳالهه سمجهڻ ۽ سمجهائڻ گهرجي، جيڪڏهن اسان صوفين وٽ دوست هلي ايندا ته ڪجهه ڳالهيون اسان سمجهائينداسين ۽ ڪجهه دوستن جون سمجهي سگهنداسين، هن وڌيڪ چيو ته حضرت لعل قلندر شهباز کي به قلندري جامو پهرايو ويو هو ۽ مختلف دورن ۾ ٻين به وڏن صوفين کي ان اعزاز سان صوفي نوازيندا رهيا آهن، ان اعزاز جو مقصد ڪو گادي هلائڻ ناهي، هن وڌيڪ چيو ته گادي نشين يا مرشد ٿيڻ خراب ڳالهه نه آهي، مرشد فارسي جو لفظ آهي، جنهن جي معني هدايت ڏيڻ وارو آهي، پر بدقسمتي سان اسان وٽ مرشد لفظ جي عزت خراب ڪئي وئي آهي، مانجهي فقير جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيئن دنيا جي علم ۾ وڏيون ڊگريون ماڻڻ سان جيئن پوءِ تيئن وڏا نالا ۽ اعزاز ڏنا ويندا آهن تيئن صوفين جا به پنهنجا طور طريقا آهن، اهي پنهنجي وڏن صوفين کي عهدن ۽ اعزازن سان نوازين ٿا، هن چيو ته دنيا جي سڌريل ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ به قديمي ۽ روايتون ۽ رسمون برقرار رکيون ويون آهن، جيئن مختلف ملڪن ۾ ٽماٽا هڻڻ ۽ بل فائيٽنگ جهڙيون رسمون پڻ اڄ ڏينهن سوڌو هلندڙ آهن، هن چيو ته آئون آزاد خيال ماڻهو آهيان، پهريان به وضاحت ڪري چڪو آهيان هاڻي به واضح ڪريان ٿو ته صوفي راڳ منهنجو فن آهي ۽ ان کي آئون برقرار رهندس، هن چيو ته حضرت لعل قلندر شهباز به قلندر جامو پائڻ کانپوءِ رقص ڪندو هو ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي به تنبوري تي راڳ ڳائيندو هو، هن چيو ته آئون ريتن رسمن جو پابند نه آهيان ۽ نه ئي شعور کي ڪمرن، ڀتين، يا ويسن ۾ بند ڪري سگهجي ٿو، اسان صوفين جا دروازا سڀني لاءِ کليل آهن، هڪ ٻئي جي ڳالهه ٻڌي موقف سمجهي ۽ سمجهائي سگهجي ٿو، شين کي تنگ نظري سان نه ڏسڻ گهرجي، هن چيو ته منهنجي والد جي درگاهه آهي ۽ ان تي ساليانو عرس مبارڪ به ٿيندو آهي.مانجهي فقير وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام مون کي جيڪو مان مرتبو ڏنو آهي ان تي سنڌ جي ماڻهن جو ٿورائتو آهيان، هن چيو ته سوشل ميڊيا تي جيڪو ڪجهه هلي رهيو آهي ان کان واقف آهيان پر دوستن کي حقيقن کي سمجهڻ کانپوءِ راءِ ڏيڻ گهرجي، خاص طور تي پڙهيل لکيل ۽ علمي شعور رکندڙ ماڻهن کي ڳالهيون شعور ۽ علم موجب ڪرڻ گهرجن. هوڏانهن نامياري صوفي فنڪار مانجهي  فقير طرفان صوفي روايتن موجب قلندري جامو پهرڻ وارو معاملو گذريل 3 ڏهاڙن کان سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل آهي، ڪجهه حلقن طرفان سندس رسمن ۽ صوفي ويس پهرڻ واريون تصويون رکي ڪيترائي سوال پڻ اٿاريا ويا آهن عام طور تي اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته مانجهي فقير سنڌ ۾ نئين روايت متعارف ڪرائيندي راڳ کانپوءِ هاڻي پيري مريدي جو سلسلو شروع ڪرڻ لاءِ اها رسم ادا ڪئي آهي. ٻئي پاسي سنڌ جي دانشورن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ کي قديم روايتن بدران روشن خيال روايتن ۽ مزاحمتي صوفياڻي رنگ جي ضرورت آهي. نامياري دانشور جامي چانڊيو روزاني ”سوڀ“ سان ڳالهائيندي چيو ته مانجهي فقير تمام بهترين انسان، منهنجو ذاتي دوست آهي ۽ تمام سٺو راڳي آهي، مذهبي انتهاپسندي خلاف سندس اهم ڪردار آهي، هن چيو ته سنڌ کي هن وقت پراڻين صوفياڻين رسمن جي ضرورت نه آهي، انهن جي ڪا اهميت ناهي، سنڌ کي هن وقت مزاحمتي ۽ روشن خيال سوچ جي ضرورت آهي، مانجهي فقير ۽ ٻين کي ان قسم جي رسمن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، نامياري سياسي سماجي اڳواڻ مخيار عباسي ”سوڀ“ سان ڳالهائيندي چيو ته صوفيت جي نالي ۾ نئين صوفي فرقي جي خلاف آهيون، فرقيواريت سنڌ کي گهڻو نقصان ڏنو آهي، هن چيو ته صوفيت جي اندر جيڪا مزاحمت آهي، سنڌ کي ان جي ضرورت آهي، سنڌ جي ماڻهن کي سياسي مزاحمت ۾ يقين رکڻ گهرجي. سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر برڪت نوناري لکيو آهي ته سوشل ميڊيا تي مانجھي فقير جي ڪڍ باھوڙ ڏسي افسوس ٿئي ٿو. گيڙو ويس پائڻ جُرم آھي؟ مانجھي فقير سنڌ جي روايتي تصوف جو اھو منفرد ڪردار آھي جيڪو پاڻ بزرگ ھجڻ ۽ صوفين جي ٽوليءَ جو رھبر ھجڻ جي باوجود ملڻ وقت ننڍڻ ٻارن سان به جهُڪي ملي ٿو.مانجھي فقير سنڌ جي تصوف جو پرچارڪ آھي، مانجھي فقير اھو مارڳ ورتو آھي جنھن مارڳ تي صوفي جانڻ چن پھتو ھُئو. تصوف جي سڀ کان ڏکي راھ ملامتي تصوف آھي. مانجھي پاڻ ملامتي تصوف چونڊيو آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو