قمبر (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد کان شهدادڪوٽ سبزي کڻي ويندڙ مزدا ٽرڪ کي بهرام ڀرسان سم شاخ لڳ هٿياربندن روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مزدا نه روڪڻ جي نتيجي ۾ هٿياربندن مزدا مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾مزدا ڊرائيور جنيد عرف خالد سخت زخمي ٿي پيو، قمبر جي سرڪاري اسپتال ۾سهولتن جي کوٽ سبب جنهن طبي امداد لاءِ لاڙڪاڻو اسپتال پهچايو ويو، جڏهن ته ڦورو فائرنگ ڪرڻ کانپوءِ آساني سان فرار ٿي ويا.
