17

قمبر لڳ مغيري برادري ۾ پراڻي خوني تڪرار تان هٿياربندن 2 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو

قمبر (ويب ڊيسڪ) قمبر لڳ مغيري برادري ۾ پراڻي خوني تڪرار تان نامعلوم موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن پاران نور واھ ڀرسان موٽر سائيڪل سوارن مٿان فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا قادر بخش مغيري ۽ قربان حسين مغيري شديد زخمي ٿي پيا جن کي وارثن ۽ پوليس فوري طور کڻائي لاڙڪاڻو چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن ٻنهي ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.  واضح رهي ته 10 سال اڳ هاڻوڪي فوتي ڌر فيض محمد مغيري کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو هو جنهن جو 2 سال اڳ 60 لک رپين ۾ فيصلو ٿيو هو جنھن جو ڏوهي ڌر ڏنڊ ڀري ڏنو ھو، ساڳئي تڪرار تان 5 مهينا اڳ قتل ٿي ويل فيض محمد مغيري جي ڌر ارباب مغيري کي قتل ڪيو هو، جنهن جي قتل ڪيس ۾ قتل ٿي ويل قادر مغيري جوابدار ڄاڻايل هو، ارباب مغيري جي قتل ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل کي ڪورٽ سڳوري باعزت بري ڪري ڇڏيو هو، جنهن تي قتل ٿي ويل ارباب مغيري جي قتل جو پلاند ڪندي 2 ڄڻن کي لاڙڪاڻو روڊ نورواهه ڀرسان هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو،  مقتولن لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو، جڏهن ته جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا، آخري اطلاع تائين ڪيس داخل نه ٿيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو