قمبر (ويب ڊيسڪ) قمبر ڀرسان زرعي زمين تي ويٺل 10 ورهين جي نينگر کي مبينا طور قتل ڪيو ويو آهي، سندس لاش پلال مان هٿ آيو آهي. رپورٽن مطابق ڳوٺ ٺوڙهي بجار واسي 10 ورهين جي محرم تنيو جو لاش پلال جي کري مان هٿ اچڻ کانپوءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. نينگر جي وارثن مطابق اڻڄاتل جوابدار زرعي زمين تي ويٺل محرم تنيو کي قتل ڪري لاش پلال جي کري ۾ اڇلائي ويا آهن، ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي. ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، رپورٽ اچڻ کانپوءِ حقيقتون سامهون اچي وينديون.
