227

لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿي ويا آهن. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق لائن آف ڪنٽرول جي باگسر سيڪٽر تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جو نائيڪ شاهجهان ۽ سپاهي حميد شهيد ٿي ويا آهن. آءِ ايس پي آر مطابق سيز فائر معاهدي جي خلاف ورزي تي پاڪ فوج به ڀرپور جواب ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ ڀارتي فوج کي وڏو جاني ۽ مالي نقصان برداشت ڪرڻو پيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو