33

لائين مينز جي مڪمل تحفظ لاءِ پهريان کان وڌيڪ مالي وسيلا ۽ اوزار مهيا ڪيا پيا وڃن: حماد اظهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته اسان پنهنجي لائين مينز جي مڪمل تحفظ لاءِ سخت قائدا مرتب ڪري رهيا آهيون ان مقصد لاءِ پهريان کان وڌيڪ مالي وسيلا ۽ اوزار مهيا ڪيا پيا وڃن. پنهنجي هڪ ٽويٽ ۾ هن چيو ته اوزارن کانسواءِ ڪنهن به لائين مين کي فيلڊ ۾ وڃڻ جي اجازت نه هوندي ۽ نه ئي ان کي موڪليو ويندو. جيڪڏهن توهان کي ڪو لائين مين حفاظتي سامان کان سواءِ نظر اچي ته مهرباني ڪري هيلپ لائن تي اطلاع ڏنو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو