465

لاهور انتظاميا ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي ڄامشورو واسي شاگرد اڳواڻ ثناءُ الله چانڊيو کي 3 ساٿين سوڌو آزاد ڪري ڇڏيو

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) لاهور انتظاميا ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي ڄامشورو واسي شاگرد اڳواڻ ثناءُ الله چانڊيو کي 3 ساٿين سوڌو آزاد ڪري ڇڏيو آهي. 3 ڏينهن اڳ لاهور واري رهائشگاهه تان پوليس پاران ٻن ساٿين سوڌو گرفتار ڪيل شاگرد اڳواڻ ثناءُ الله چانڊيو جي ڪالهه لاهور جي ٽائون شپ ٿاڻي تي گرفتاري ظاهر ڪندي 4 ساٿين سوڌو مٿس ڊيوٽي اٽڪاءُ، ڀڃ ڊاهه، ڌمڪيون ڏيڻ، ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ وارن قلمن تحت ڪيس داخل ڪيا ويا هئا، جن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت 5 ئي شاگردن کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو. لاهور پوليس پاران شاگردن جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتاري  ظاهر ڪرڻ کانپوءِ ساڃاهه وندن توڙي شاگردن جي سخت ردعمل ۽ احتجاجن کانپوءِ انتظاميا پاران جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي، ڊي آءِ جي، ٽن ايس ايس پيز ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر تي ٻڌل ڪميٽي جاچ رپورٽ پنجاب جي قانون واري وزير کي پيش ڪئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته شاگرد اڳواڻ ثناءُ الله چانڊيو، علي اشرف ملڪ، سلمان سڪندر ۽ حارث اسد جو ڪو ڏوهه ناهي ۽ داخل ڪيل ڪيس ڪوڙ تي مبني آهي، جڏهن ته رپورٽ ۾ هڪ شاگرد زبير صديقي کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو. پنجاب جي قانون واري وزير جي هدايت تي صوبائي اختيارن تحت شاگرد اڳواڻ ثناءُ الله چانڊيو، علي اشرف ملڪ، سلمان سڪندر ۽ حارث اسد کي آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته ساڻن گڏ گرفتار ڪيل شاگرد زبير صديقي کان پڇاڳاڇا وارو عمل جاري آهي. آواز ٽي وي پاران رابطو ڪرڻ تي شاگرد اڳواڻ ثناءُ الله چانڊيو جو چوڻ هو ته مطالبن جي مڃتا لاءِ پرامن احتجاج ڪرڻ شاگردن سميت هر ڪنهن جو جمهوري حق آهي، ملڪ ۾ آن لائين ڪلاس ورتا ويا ته سيمسٽر به آن لائين ورتا وڃن، ان سلسلي ۾ ٿيندڙ احتجاجن جي حمايت ڪريون ٿا پر احتجاجن جي آڙ ۾ انتهاپسندي توڙي ڀڃ ڊاهه وارو عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، شاگرد پنهنجو پرامن احتجاج جاري رکن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو