213

لاهور شاهي قلعي ۾نوجوان رنجيت سنگهه جي مجسمي جي ٻانهن ڀڃي ڇڏي، ڪيس داخل

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ هڪ نوجوان شاهي قلعي ۾ رنجيت سنگهه جي لڳايل مجسمي جي ٻانهن ڀڃي ڇڏي آهي جنهن جو ڪيس  نوجوان مٿان سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، ميڊيا رپورٽ مطابق شاهي قلعي ۾ هڪ نوجوان جهنگلي ۾ داخل ٿي رنجيت سنگهه جي مجسمي جي هڪ ٻانهن ڀڃي ڇڏي آهي، شاهي قلعي جي سڪيورٽي سپروائيزر جي درخواست تي مقامي ٿاڻي تي 18 ورهين جي نوجوان مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، داخل ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نوجوان شاهي قلعي ۾ رنجيت سنگهه جو مجسمو لڳائڻ تي اعتراض ڪيو هو  ۽ جهنگلو ٽپي مجسمي جي هڪ ٻانهن ڀڃي ڇڏي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو