223

لاهور هاءِ ڪورٽ آمد جي موقعي تي ليگي ڪارڪنن پاران شهباز گل تي بيضن جو وسڪارو

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي خاص صلاحڪار پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل جي لاهور هاءِ ڪورٽ آمد جي موقعي تي ليگي ڪارڪنن مٿس بيضن جو وسڪارو لائي ڏنو. رپورٽن مطابق وزيراعظم جو خاص صلاحڪار شهباز گل لاهور هاءِ ڪورٽ پهتو ته اڳ ۾ موجود ليگي ڪارڪنن مٿس بيضا اڇلايا، جڏهن ته ليگي ڪارڪنن مٿس مس پڻ اڇلائي، جنهنڪري شهباز گل جا ڪپڙا ۽ هٿ مس سان رنڱجي ويا. ڇڪتاڻ ان وقت وڌي وئي جڏهن پي ٽي آءِ ڪارڪنن بيضا اڇلائيندڙ همراهه کي پڪڙي ورتو ۽ کيس سخت مارڪٽ جو نشانو بڻايو، پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي تشدد سان ن ليگ جي ڪارڪن جو مٿو ڦاٽي پيو، ڪورٽ ۾ موجود پوليس ۽ ٻين ماڻهن سندس جان بچائي ورتي. شهباز گل عدالتي اڱڻ پهتو ته کانئس صحافي سوال ڪيو ته توهان سان عدالت ۾ ڇا ٿيو؟ ان تي شهباز گل چيو ته مون تي بيضا ۽ مس اڇلائي وئي، ن ليگ پنهنجي ڪاري ڪرتوتن واري مس مون تي اڇلائي، هي غنڊه گردي تي لهي آيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو