لاهور ( م ڊ ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي وڏ وزارت جي چونڊ ٻيهر ڪرائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي لارجر بينچ پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ اليڪشن ۽ حمزه شهباز جي حلف خلاف پيٽي آءِ ۽ چوڌري پرويز الاهي جي درخواستن تي اڱاري ڏينهن ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ پنجاب اسيمبليءَ ۾ پارٽي جي ڦري ويل ميمبرن جو ووٽ نه ڳڻڻ جو فيصلو ڏنو ۽ اسان کي ان تي عمل ڪرائڻو آهي. هاڻي ته اسين پنجاب جي وڏي وزير جي ٻيهر چونڊ ڪرائڻ تي سوچي رهيا آهيون. وڏي وزير جي ٻيهر چونڊ ٿيڻ سان سڀني کي اعتراض ختم ڪرڻ گهرجن.عدالت پنجاب جي ايڊووڪيٽ جنرل کي هدايت ڪئي ته ان نقطي تي معاونت ڪريو، ته جيڪڏهن وڏي وزير جي چونڊ لاءِ اجلاس کي ٻيهر 16 اپريل جي تاريخ تي کڻي وڃون ۽ پولنگ ٻيهر ٿئي ته بحران کان ڪيئن بچي سگهجي ٿو. فاضل بينچ رمارڪس ڏنا ته جيڪو به ٿيندو اهو ميرٽ تي ٿيندو. جڏهن ته ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب حمزه شهباز سان مشاورت لاءِ هڪ ڏينهن جي مهلت گهري ورتي ۽ چيو ته اليڪشن تي ڪو اختلاف نه آهي. جسٽس شاهد جميل ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن 16 اپريل تي ريورس ڪري ٻيهر اليڪشن ٿئي ته نوان ايندڙ پنج ميمبر ووٽ نه ٿا ڏئي سگهن. ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب عدالت کي درخواست ڪئي ته اسان کي هڪ ڏينهن جو وقت ڏيو ته جيئن وڏي وزير کي صورتحال ٻڌائي سگهون. تحريڪ انصاف جي وڪيل علي ظفر چيو ته باغي ميمبرن جا پنجويهه ووٽ شامل نه ٿيندا ته هي وڏو وزير نه رهندو، حمزه شهباز کي اڳ عهدي تان هٽايو وڃي ۽ پوءِ اليڪشن ڪرائي وڃي، اليڪشن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ڏينهن جو وقت ڏنو وڃي، ڪجهه صورتحال هاڻي ريورس نٿي ٿي سگهي، 25 ميمبر ووٽن مان 5 ووٽ تي لاهور هاءِ ڪورٽ جو حڪم ٿي ويو آهي، نئين اليڪشن ۾ هي پنج ووٽ شامل ٿيڻ گهرجن. ان تي جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته جڏهن اليڪشن ٿي هئي ته ان وقت مخصوص پنج ميمبر ته نه هئا، جيڪڏهن گذريل تاريخ کان ٻيهر اليڪشن ٿئي ته ان ۾ نوان ووٽ ڪيئن شامل ٿيندا؟ جيڪڏهن پراڻي صورتحال واپس ٿئي ٿي ته ان وقت وڏو وزير عثمان بزدار هو. جسٽس صداقت علي خان چيو ته سپريم ڪورٽ باغي ميمبرن جي ووٽ کي نه ڳڻڻ جو چيو آهي، هنن ڪنهن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جو نه چيو آهي. بينچ جي ميمبر جسٽس شاهد جميل چيو ته وڏي وزير جو نوٽيفڪيشن ٺيڪ هو يا نه اهو لا ڊويزن جو ڪم آهي، نوان ايندڙ پنج ميمبر 16 اپريل جي تاريخ ۾ ته ووٽ نه ٿا ڏئي سگهن. ٻڌڻي دوران عدالت ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کي هڪ ڏينهن جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي اربعا ( اڄ) تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
76