118

لاهور هاءِ ڪورٽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي درخواست تي نيب کي جواب داخل ڪرڻ لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي درخواست تي نيب کي جواب داخل ڪرڻ لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي عبوري ضمانت ۾ 15 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سرفراز ڊوگر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ درخواست گذار پنهنجي خلاف اثاثا ٺاهڻ جي الزام ۾ نيب جي نوٽيسن کي چيلنج ڪيو آهي. ڪيپٽن (ر) صفدر پنهنجي عبوري ضمانت جي معياد ختم ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ٿيو پر نيب جي وڪيل جواب داخل ڪرائڻ لاءِ وقت ڏيڻ جي استدعا ڪئي جنهن تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 15 اپريل تائين ملتوي ڪندي ڪيپٽن (ر) صفدر کي گرفتار نه ڪرڻ جي هدايت ۾ توسيع ڪئي. درخواست ۾ قانوني نڪتو کيو ويو آهي ته نيب پشاور ۽ لاهور هڪ نوعيت جي الزامن ۾ جاچ ڪري رهي آهي ۽ قانون تحت هڪ هي الزام جي ٻن مختلف هنڌن تي جاچ نه ٿي سگهي. وڪيل به خدشو ظاهر ڪيو ته طلبي جي نوٽيسن تي نيب ڪيپٽن (ر) صفدر کي گرفتار ڪري سگهي ٿي، ان لاءِ نيب کي گرفتار ڪرڻ سان روڪيو وڃي. ڪيپٽن (ر) صفدر پهرين پشاور هاءِ ڪورٽ کان عبوري ضمانت تي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو