لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ اڻڄاتل جوابدارن مسجد جي پيش امام کي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو آهي، پوليس سندس ڳلو ڪپيل لاش هٿ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس مطابق ملتان ڪالوني ۾ واقع شاليمار مسجد سان لاڳاپيل ڪوارٽر مان پيش امام آصف ولد مير حسين جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو آهي، شروعاتي جاچ مطابق رات جو وٽس ڪي مهمان آيل هئا، جن کيس تيز اوزار سان ڳلو ڪپي قتل ڪري فرار ٿي ويا، ثبوت گڏ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.
