لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ تيز رفتار ڊمپر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار 3 نوجوان فوت ٿي ويا آهن. رپورٽن مطابق لاهور ڀرسان تيز رفتار ڊمپر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار 3 نوجوان عمر، زاهد ۽ علي ٿڏي تي فوت ٿي ويا، ٽنهي نوجوانن جي عمر 18 ورهين کان 21 ورهين جي وچ ۾ هئي، حادثي ۾ فوت ٿيندڙ نوجوانن جا لاش پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.
