33

لاهور ۾ مبينا پوليس مقابلو، اهلڪار جي قتل ۾ گهربل 2 ڦورو مارجي ويا

قصور (ويب ڊيسڪ) چونيان ۾ پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث 2 ڦورو مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا آهن. رپورٽن مطابق پوليس اهلڪار صغير جي قتل ۾ ملوث 2 ڦورو اشفاق ۽ غلام رسول پوليس جي حراست ۾ هئا ۽کين ٿاڻي تي نيو پئي ويو ته ڳوٺ ڍوس ويجهو سندن ساٿين پوليس تي حملو ڪري ڏنو. پوليس مطابق فائرنگ ختم ٿي ته ٻئي ڦورو مارجي چڪا هئا، مارجي ويل ڦورو ڪانسٽيبل صغير جي قتل جو اعتراف ڪري چڪا هئا، جڏهن ته سندن ساٿي سخت ڌنڌ هجڻ جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو