8

لاهور ۾ ڊبل سواري نه پر 9 ٻار کڻڻ تي ٽريفڪ پوليس جي ڪارروائي، موٽرسائيڪل چالان

لاهور (ويب ڊيسڪ) هونئن ته عام طور تي اهو ٻڌو ويندو آهي ته ڊبل سواري کڻڻ تي موٽرسائيڪل سوار چالان ڪيو ويو آهي، پر لاهور ۾ هڪ موٽرسائيڪل سوار کي ٽريفڪ پوليس 9 ٻار هڪ ئي وقت موٽرسائيڪل تي کڻڻ تي چالان ڪيو ويو آهي. لاهور شهر جي لاهوري گيٽ جو رهواسي ابرار نعيم پنهنجا 9 ٻار کڻي موٽرسائيڪل تي سفر ڪري رهيو هو ته کيس ٽريفڪ پوليس غفلت ۽ لاپرواهي ڪرڻ تي 300 رپين جو ڏنڊ هڻي سندس موٽرسائيڪل چالان ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو