53

لاهور ۾ ڪارنهن الزام هيٺ پيءُ هٿان 6 ٻارڙن جي ماءُ قتل، نوجوان زخمي، جوابدار گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي شاليمار واري علائقي ۾ پيءُ ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي پنهنجي ڌيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب نوجوان پڻ زخمي ٿي پيو. مقتولا شهناز بيبي کي ڪجهه عرصو اڳ سندس مڙس ڪاشف طلاق ڏني هئي، جيڪا پنهنجي 6 ٻارڙن سميت الڳ گهر ۾ رهندڙ هئي پر سندس پيءُ جو چوڻ آهي ته سندس ڌيءَ جا زبير نالي نوجوان سان ناجائز لاڳاپا هئا. پيءُ اڪرم پنهنجي ڌيءَ جي گهر ۾ زبير کي ڏٺو ته ڪاوڙ ۾ اچي ٻنهي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ شهناز موقعي تي دم ڏنو، جڏهن ته نوجوان زخمي ٿي پيو. شاليمار پوليس مطابق مقتولا شهناز جي امڙ شميم اختر جي فرياد تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس جوابدار اڪرم کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو