45

لاڙڪاڻو: قمبر تعلقي جي ڳوٺ جنجهه ۾ پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏڻ سبب 2 ٻارڙيون فوت

لاڙڪاڻو  (ويب ڊيسڪ) قمبر تعلقي جي ڳوٺ جنجهه ۾ 10 سالن جي نينگري حنا ڌيءَ گدا حسين چانڊيو ۽ 8 ورهين جي سنڌيا ڌيءَ شهزادو ڪهيري پاڻيءَ جي تلاءُ ۾ ٻڏي بيهوش ٿي پيون جن کي وارثن تلاءُ مان ڪڍي بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن پاران ٻنهي نينگرين جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي جنهن دوران وارث لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي ٻڏي فوت ٿي ويل نينگرين جي وارثن ٻڌايو ته حنا ۽ سنڌيا ڳوٺ ڀرسان پاڻيءَ جي تلاءُ ۾ ٻڏي بيهوش ٿيون جن کي اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن سندس جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. هوڏانهن ٻڏي فوت ٿي ويل ٻنهي نينگرين جا لاش وارث ڳوٺ کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو