89

لاڙڪاڻو پيپلز پارٽي جو قلعو، 20 يونين ڪائونسل مان 18 تي ڪامياب، جشن، رقص

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ۾ مڪاني چونڊن ۾  غيرسرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب  20 يونين ڪائونسل مان پيپلز پارٽي 18 ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر جي يونين ڪاميٽين جي گڏ ڪيل غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب حيدري ٽائون ڪاميٽي جي يونين ڪاميٽي 2 تي پيپلز پارٽي جو چيئرمين اميدوار منير احمد سومرو ۽ وائيس چيئرمين 3600 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي جن جي مقابلي ۾ پي ٽي آءِ حمايت يافته آزاد اميدوار ايڊوڪيٽ جاويد بليدي ۽ وائيس چيئرمين عاشق جتوئي 1200 ووٽ کڻي هارائي ويا. حيدري ٽائون ڪاميٽي جي يونين ڪاميٽي 3 تي پيپلز پارٽي چيئرمين اميدوار شفيق چانڊيو ۽ وائيس چيئرمين اميدوار علي مراد ميراڻي 2150 ووٽ کڻي ڪامياب مقابلي ۾ جي ڊي اي جي چيئرمين اميدوار رافع عباسي ۽ وائيس چيئرمين محمد خليل غفاري 1750 ووٽ کڻي هارائي ويا. دڙي ٽائون ڪاميٽي جي يونين ڪاميٽي هڪ تي پيپلز پارٽي جو چيئرمين اميدوار محمد امين شيخ ۽ وائيس چيئرمين شاهه رخ سيال 3077 ووٽ کڻي ڪامياب ماڻي جن جي مقابلي ۾ آزاد اميدوار عبدالرئوف شيخ ۽ وائيس چيئرمين علي گوهر شيخ 843 ووٽ کڻي هارائي ويا. ايمپائر ٽائون ڪاميٽي جي يونين ڪاميٽي 4 تان پيپلز پارٽي مخالف جي ڊي اي جو چيئرمين عبدالحفيظ سامٽيو ۽ وائيس چيئرمين شاهد حسين گاد 1515 ووٽ کڻي ڪامياب سندس مقابلي ۾ پيپلز پارٽي جو چيئرمين اميدوار ايڊووڪيٽ اصغر کچي ۽ وائيس چيئرمين اميدوار غلام مرتضيٰ سومرو 1449 ووٽ کڻي هارائي ويا. حيدري ٽائون ڪاميٽي جي يونين ڪاميٽي هڪ تي پيپلز پارٽي چيئرمين اميدوار انور علي لهر ۽ وائيس چيئرمين غلام محمد ڪورائي ڪامياب ۽ سندن مقابلي ۾ جي يو آءِ جو چيئرمين مجاهد علي ڪنڀر ۽ وائيس چيئرمين زاهد علي هارائي ويا. حيدري ٽائون ڪاميٽي جي يونين ڪاميٽي 4 تي پيپلز پارٽي جو چيئرمين اميدوار ذوالفقار علي بروهي ۽ وائيس چيئرمين سيد ظفر علي شاهه ڪامياب سندن مقابلي ۾ جي ڊي اي جو مير حسن بروهي ۽ وائيس چيئرمين سيد ملازم شاهه هارائي ويا. حيدري ٽائون ڪاميٽي جي يونين ڪاميٽي 5 تي پيپلز پارٽي جو چيئرمين اميدوار محمد اسلم مغيري ۽ وائيس چيئرمين منور علي لهر ڪامياب سندن مقابلي ۾ ڊي اي جو چيئرمين سيد شاهد شاهه ۽ وائيس چيئرمين نسيم علي هارائي ويا. ايمپائر ٽائون ڪاميٽي جي يونين ڪاميٽي هڪ تي پيپلز پارٽي جو چيئرمين اميدوار ابراهيم کوسو ۽ وائيس چيئرمين انعام گل سانگي سانگي ڪامياب ۽ سندن مقابلي ۾ جي ڊي اي جو چيئرمين اميدوار علي حسن ڏاهاڻي ۽ وائيس چيئرمين محمود الحسن سومرو هارائي ويا. سچل ٽائون ڪاميٽي جي يونين ڪاميٽي 5 تي جي ڊي اي اميدوار اويس عباسي ۽ وائيس چيئرمين اختيار علي بگٽي ڪامياب ۽ سندن مقابلي ۾ پيپلز پارٽي جو چيئرمين اميدوار سيد علي رضا شاهه ۽ وائيس چيئرمين اسدالله بگٽي هارائي ويا. ٽائون ڪاميٽي دڙي جي يونين ڪاميٽي ٽي تان پيپلز پارٽي جو چيئرمين اميدوار محمد قاسم بروهي ۽ وائيس چيئرمين محمد مٺل چانڊيو ڪامياب سندن مقابلي ۾ جي ڊي اي جو چيئرمين اميدوار محمد اسماعيل بروهي ۽ وائيس چيئرمين غلام رسول عمراڻي هارائي ويا. حيدري ٽائون ڪاميٽي جي يونين ڪاميٽي 4 تي پيپلز پارٽي جو چيئرمين اميدوار محمد رفيق ڪرماڻي ۽ وائيس چيئرمين غلام رسول لغاري ڪامياب ۽ سندن مقابلي ۾ جي ڊي اي جو چيئرمين اميدوار صفدر عرف گدا ابڙو ۽ وائيس چيئرمين محمد عظيم ککراڻي هارائي ويا. ٽائون ڪاميٽي دڙي جي يونين ڪاميٽي 5 تي پيپلز پارٽي جو چيئرمين اميدوار خير محمد شيخ ۽ وائيس چيئرمين محمد هارون هليو ڪامياب ۽ سندن مقابلي ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو ڊاڪٽر مظهر مغل ۽ وائيس چيئرمين منظور شيخ هارائي ويا. ايمپائر ٽائون ڪاميٽي جي يونين ڪاميٽي 2 تي پيپلز پارٽي جو چيئرمين اميدوار ساجد ڊومڪي ۽ وائيس چيئرمين آفتاب اصغر عباسي ڪامياب ۽ سندن مقابلي ۾ جي يو آٰءِ جو چيئرمين اميدوار مير سڪندر مينگل ۽ وائيس چيئرمين عبدالوهاب عرف پپن سومرو هارائي ويا. ايمپائر ٽائون ڪاميٽي جي يونين ڪاميٽي 3 تي پيپلز پارٽي جو چيئرمين اميدوار غلام نبي ڀٽو ۽ وائيس چيئرمين وقار ڀٽو ڪامياب ۽ سندن مقابلي ۾ جي ڊي اي جو چيئرمين اميدوار عامر ڀٽو ۽ وائيس چيئرمين سيد عمران شاهه هارائي ويا. ايمپائر ٽائون ڪاميٽي جي يونين ڪاميٽي 5 تي پيپلز پارٽي جو چيئرمين اميدوار محمد يوسف ڀٽو ۽ وائيس چيئرمين ماجد بروهي ڪامياب ۽ سندن مقابلي ۾ جي ڊي اي جو چيئرمين اميدوار خالد حسين ۽ وائيس چيئرمين فقير محمد هليو هارائي ويا. سچل ٽائون ڪاميٽي جي يونين ڪاميٽي هڪ تي پيپلز پارٽي جو چيئرمين اميدوار چنگيز ابڙو ۽ وائيس چيئرمين اميدوار مشتاق کوکر ڪامياب ۽ جي ڊي اي جو چيئرمين زبير احمد تونيو ۽ علي مرتضيٰ ابڙو هارائي ويا. سچل ٽائون ڪاميٽي جي يونين ڪاميٽي 2 تي پيپلز پارٽي جو چيئرمين اميدوار ڪاشف علي عمراڻي ۽ وائيس چيئرمين محمد رضا کوکر ڪامياب سندن مقابلي ۾ جي ڊي اي جو چيئرمين ميرخان ٽڳڙ ۽ وائيس چيئرمين راضي خان چانڊيو هارائي ويا. سچل ٽائون ڪاميٽي جي يونين ڪاميٽي 3 تي پيپلز پارٽي جو چيئرمين اميدوار دانش لغاري ۽ وائيس چيئرمين سرائي سرفراز کوکر ڪامياب ۽ سندن مقابلي ۾ جي ڊي اي جو شاهد علي سومرو ۽ وائيس چيئرمين شعيب جوڻيجو هارائي ويا. سچل ٽائون ڪاميٽي جي يونين ڪاميٽي 4 تي پيپلز پارٽي جو چيئرمين اميدوار عطا محمد ميمڻ ۽ وائيس چيئرمين اميدوار عبدالوهاب رند ڪامياب سندن مقابلي ۾ جي ڊي اي جو خالد ممتاز ميمڻ ۽ وائيس چيئرمين سرتاج احمد ڪلهوڙو هارائي ويا. پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ڪاميابي تي جشن ملهائي جهمريون هنيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو