لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ گذريل ڏھاڙي گم ٿيل 2 معصوم نينگرن جا لاش گندي پاڻي جي تلاءَ مان ھٿ آيا آهن، ٻارن جي پراسرار موت تي علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو آهي. حيدري ٿاڻي جي حد لھر ڪالوني مان 2 ورھين جو غلام بادشاھ پٽ حافظ علي شير جلباڻي ۽ 2 ورھين جو مشتاق پٽ حاجي چاڪر جلباڻي گذريل ڏينهن گم ٿي ويا ھئا. والدين جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن 3 وڳي ٻئي سئوٽ گھران نڪتا ته واپس نه آيا، جنهن جا لاش گھر ڀرسان پاڻي جي تلاءَ مان مليا آهن، ڪنهن سان دشمني ناهي ۽ نه ڪنهن ۾ شڪ آهي، واقعو سمجھه ۾ نٿو اچي. هوڏانهن پوليس ٻنهي ٻارن جا لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوءِ وارثن حوالي ڪري ڇڏيا، پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي وڃي.
