21

لاڙڪاڻي ۾ مارجي ويل ڪنوار جي تدفين، مڙس پاران قتل جو اعتراف،3 ڄڻن تي ڪيس داخل

لاڙڪاڻو (رپورٽ :اياز ساريو) لاڙڪاڻي ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ مهيني جي ڪنوار جو گولي لڳڻ سبب پراسرار موت واري واقعي جو ڪيس عورت سرور خاتون جي ڀاءُ حبدار ڪلهوڙو جي فرياد تي عورت جي مڙس عامر ڪلهوڙو ۽ ٻن نامعلوم جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته ڀيڻ سرور خاتون جي شادي مهينو اڳ عامر ڪلهوڙو سان ٿي هئي سندس مڙس دير سان گهر ايندو هو، ان تي ڀيڻ کيس چوندي هئي ته مڙس مارڪٽ ڪندو هو، آءُ مراد واهڻ ۾ رهندو آهيان ڀيڻ جي گهر وڃڻ تي جنهن سڄو معاملو ٻڌايو، ان تي عامر ڪلهوڙو پنهنجي ٻن نامعلوم ساٿين سان گڏجي اچي چيو ته تون منهنجي دانهن پنهنجي ڀائرن کي ڏئي رهي آهين اڄ توکي ڪو نه ڏيندس، ڀيڻ سرور خاتون پاڻ کي بچائڻ لاءِ بيڊ تان اٿي دروازي کان ٻاهر نڪتي ته ايتري ۾ عامر ڪلهوڙو ڀيڻ مٿان پسٽل جو سڌو فائر ڪيو جو کيس پويان پٺي ۾ لڳو، ڪمري جي در جي ٻاهريان دانهن ڪري هيٺ ڪري ۽ اسان خوف سبب خاموش رهياسون، پوءِ جوابدار عامر ڪلهوڙو پسٽل ۽ ٻن اڻ سڃاتل جوابدارن سميت گهر مان نڪري ٻاهر هليا ويا، فريادي وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته عامر علي ٻن اڻ سڃاتل جوابدارن سان گڏجي ڀيڻ سروس خاتون کي ماري خون ڪيو آهي، اڻ سڃاتل جوابدارن کي ٻيهر ڏنداسون ته سڃاڻي سگهنداسون، فريادي آهيان جانچ ٿئي.هوڏانهن دڙي ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي جوابدار عامر ڪلهوڙو اعتراف ڪيو آهي ته هن گهر واري کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي، وڌيڪ مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف مقتولا جو لاش وارهه لڳ ڳوٺ خيمسو ڪلهوڙو ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. پوليس رهيل ٻن جوابدارن کي رات دير تائين گرفتار ڪري نه سگهي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو