189

لاڙڪاڻي ۾ نوجوان گهرو اڻبڻت تان ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ڀينس ڪالوني واسي 19 ورهين جي  نوجوان امير علي عرف شاھد پٽ مولا بخش مگسي گھرو اڻبڻت تان دوڪان جي گيڊر ۾ رومال ٻڌي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي سئوٽ بشير احمد مگسي صحافين کي ٻڌايو ته پاڙي ۾ سئوٽ کي استري جو دڪان ھو ۽ سئوٽ رات گھر نه آيو ان لاءِ اسان دوڪان تي ڳولڻ آياسين ۽ ڏٺوسين ته سئوٽ جو لاش دوڪان اندر گيڊر ۾ رومال سان ٻڌل لڙڪي رھيو ھو، اسان لاش لھرائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي شعبا حادثات واري وارڊ ۾ آڻي حد جي رحمت پور ٿاڻي جي پوليس کي به اطلاع ڏنوسين. ھوڏانھن پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو گهرو اڻبڻت تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو