لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد حيدري پاڙي ۾ گهرو اڻبڻت تان جوابدار پنهنجي گهر واري نوجوان ناري عاصما ڌيءُ نصرالله سرهيو کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو، اطلاع تي حد جي پوليس پهچي تفصيل وٺي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو، ان موقعي تي مقتول عورت جي وارثن ٻڌايو ته عاصمه مڙس جي تشدد کان تنگ اچي 2 مهينا اڳ مڙس بابر کوکر سان ڪاوڙجي پنهنجي والدين جي گهر آئي هئي، اڄ بابر کوکر اچي کيس گهر اچڻ جو چيو، انڪار ڪرڻ تي کيس گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو، ان حوالي سان حيدري پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو آهي، عورت جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين اهڙي واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.
