267

لاڙڪاڻي ۾ گهر بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو، عورتون پاڪ ڪتاب کڻي شريڪ

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) خدا جي واسطي اسان جي ٻچڙن تي رحم ڪري بي گهر نه ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ گهر بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي رائيس ڪئنال، آبڙو واھ، گهاڙ واهه ۽ ايريگيشن ڪالوني جي رهواسي عورتن پاڪ ڪتاب کڻي مردن ۽ ٻارن سان گڏجي شهر جي لاهوري محلا ريگيوليٽر وٽان امڪاني گهر ڊاهڻ خلاف ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جام ٿي وئي جتي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ڌرڻي کي ايم پي اي معظم علي عباسي، پي پي پي ضلعي اطلاعات سيڪريٽري عمران حسن جتوئي، قومپرست اڳواڻ ناياب سرڪش سنڌي سميت سياسي، سماجي، مذهبي، قومپرست ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن اظهار يڪجهتي طور وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي ايم پي اي معظم علي عباسي چيو ته لاڙڪاڻي واسين جي ڀلائي اسان جو منشور آهي، لاڙڪاڻي جو باشعور عوام اوهان سان گڏ آهي، پوري دنيا ۾ حددخلين کي هٽائي رهواسين لاءِ متبادل قدم کڻڻ حڪومت وقت جي ذميواري هوندي آهي، مون ڪيترائي ڀيرا انتظاميه کي چيو آهي ته اوهان پهريان پنهنجو پروپوزل ڏيو پر انهن طرفان ڪا به موٽ نه ڏني وئي ۽ هاڻ رهواسين کي نوٽيس جاري ڪري بي گهر ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان اڳ به لاڙڪاڻي جي عوام سان گڏ هئاسين ۽ هاڻي به آءُ پنهنجي دوستن سان گڏجي لاڙڪاڻي جي عوام سان گڏ آهيون، اسين هڪ به گهر ڊاهڻ نه ڏينداسين، آءُ عدالت کي عرض ڪندس ته هو پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري جيئن رهواسين جا گهر ڊاهڻ کان بچي سگهن. ڌرڻي ۾ ڳالهائيندي پ پ پ اڳواڻ عمران جتوئي چيو ته پ پ پ هميشه عوام گهر ڏنا آهن پر بي گهر ڪڏهن به نه ڪيو آهي. هي عدالتي فيصلو آهي حڪومت سو سيڪڙو ڪوشش ڪري رهي آهي ته هڪ ٻه گهر نه ڊهي. گهر بچايو ڪاميٽي جي اڳواڻن محمد قاسم چانڊيو، ڊاڪٽر ذوالفقار چانڊيو، اختيار کرل، ڊاڪٽر سليم ميراڻي، علي اڪبر تنيو، محمد مٺل جوڻيجو، لال جان لاشاري، نعيم ميمڻ، غلام سرور شيخ، اختر حسين لاڙڪ، منٺار ڀٽو ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻي شهر مان گذرندڙ رائيس ڪئنال، گهاڙ واهه ۽ آبڙو واهه جي ٻنهي ڪپرن سان تقريبن 50 ايڪڙ ايراضي تي اسان جا 10 هزار کان مٿي گهر ٺهيل آهن، جن ۾ تقريبن 2 لک ماڻهو رهن ٿا، ايريگيشن ڪالوني ۾ به اسان گذريل 60 سالن کان رهون ٿا اتي ملازمن جا 125 کان وڌيڪ گهر آهن جيڪي  پنهنجي پگهارن ۽ محنت جي ڪمائي مان ٺاهي ويٺا آهن. هنن چيو ته آبپاشي کاتي جي عملدارن طرفان وڏا وڏا بنگلا ٺاهي سالن کان وٺي رهائش اختيار ڪيون ويٺا آهن پر انهن کي ڪجهه نه ٿو چيو وڃي. هنن عدالت کي نظر ثاني جي پڻ درخواست ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو