220

لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر کي ڪورونا وائرس جي تصديق، ٻين ملازمن کي ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ هو گهر اندر آئسوليٽ ٿي ويو آهي. لمس يونيورسٽي ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر جي آفيس اندر ڪم ڪندڙ ڊپٽي ڊائريڪٽر ذيشان ميمڻ کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي، ڪورونا وائرس جي تصديق کانپوءِ ڊپٽي ڊائريڪٽر ذيشان ميمڻ گهر اندر آئسوليٽ ٿي ويو، جڏهن ته يونيورسٽي انتظاميا پاران ملازمن کي ٽيسٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي. ڊپٽي ڊائريڪٽر ذيشان ميمڻ سان ملندڙ ملازمن ۾ خوف واري لهر پکڙيل آهي، ڊائگنوسٽڪ ليبارٽري ۾ ملازمن جون ٽيسٽ لاءِ قطارون لڳي ويون آهن، جتي ملازمن سهولتون نه هجڻ جون شڪايتون ڪيون آهن. لمس يونيورسٽي جي ملازمن شڪايت ڪندي چيو ته  لمس يونيورسٽي جي ڊائگنوسٽڪ ليبارٽري ۾ ڪورونا ٽيسٽ ڪرائڻ چاهيون ٿا پر اتي سهولتون ميسر ناهن، جڏهن ته عملي جو رويو پڻ درست ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو