33

لکي ڀرسان شاخ ۾ وهنجندي 5 ڳوٺاڻيون عورتون ٻڏي ويون،هڪ فوت، 4 کي بچايو ويو

لکي غلام شاهه (ويب ڊيسڪ) لکي غلام شاهه ڀرسان شاخ ۾ وهنجندي 5 عورتون ٻڏي ويون،هڪ فوت، ان سلسلي ۾ ڳوٺ لعل خان چاچڙ ۾ سارين رونبي بعد سخت گرمي کان بچڻ لاءِ عورتون شاخ ۾وهنجڻ لاءِ  لٿيون ته ٻڏي ويون، گهري پاڻي ۾وڃڻ سبب 35 ورهين جي سيما زال پٺاڻ خان چاچڙ ٻڏي فوت ٿي وئي، جڏهن ته دانهن تي مردن پهچي 4 عورتن کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو،هوڏانهن فوتي عور ت جو مڙهه گهر آڻڻ تي ڪهرام مچي ويو. جنازي نماز بعد سندس تدفين ڪئي وئي.تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته اسان جون عورتون رونبو ڪرڻ بعد وهنجڻ لاءِ شاخ ۾ لٿيون ته گهرو پاڻي هجڻ سبب ٻڏي ويون، دانهن تي 4 عورتون بچائي ورتيون. جڏهن ته هڪ عورت ٻڏي فوت ٿي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو