301

لڪي شاهه صدر ڀرسان ڪار جي ٽڪر ۾ واٽهڙو عورت فوت، ڊرائيور گرفتار

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) لڪي شاهه صدر ڀرسان انڊس هاءِ وي تي ڪار جي ٽڪر ۾ خانه بدوش قبيلي سان تعلق رکندڙ نوجوان عورت فوت ٿي وئي آهي، جڏهن ته پوليس ڪار جي  ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سيوهڻ روڊ تي ڳوٺ حيدر خان رند وٽ انڊس هاءِ وي تي ڄامشورو کان دادو طرف ويندڙ  تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ روڊ پار ڪندڙ 32 ورهين جي عورت جميلان بروهي موقعي تي فوت ٿي وئي آهي. اطلاع تي پوليس پهچي عورت جي لاش کي  کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ  تعلقه اسپتال سيوهڻ منتقل ڪيو، جيڪو ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي عورت غريب لاڏائو خاندان سان تعلق رکندي هئي. لڪي شاھ صدر  پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو