اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي ڪيس ۾ دليل ڏيندي چيو آهي ته لڳي ٿو ته اسان اڄ پاڪستان ۾ نه پر گٽر ۾ رهي رهيا آهيون. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي نظرثاني درخواستن جي لائيو ڪوريج بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت منير اي ملڪ جي بيمار هجڻ سبب جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي دليل ڏيڻ جي اجازت ڏني. پنهنجي دليلن جي شروعات ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ عدالت کي چيو ته جتي اوهان کي محسوس ٿئي ته مان حد پار ڪري رهيو آهيان ته مون کي روڪيو وڃي، ان تي جسٽس عمر عطا چيو ته ججن جي هڪ ذميواري صبر ڪرڻ به آهي، جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو اوهان خلاف آهن ته ڪجهه توهان جا حامي به آهن. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته موجوده ڪيس پنهنجي نوعيت جو منفرد ڪيس آهي ۽ اظهار جي آزادي هر شخص جو بنيادي حق آهي. ان تي جسٽس عمر عطا بنديال جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان مڪالمو ڪندي چيو ته پنهنجي درخواستن تي اٿاريل نقطن تي دليل ڏيو، ساڄي ۽ کاٻي پاسي ويٺل جج ايترا تفصيل ٻڌي فوڪس ڪري نه پيا سگهن، ان ڪري بهتر ٿيندو ته سنئون سڌو اصل ڳالهه تي اچو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ دليل ڏيندي سوال ڪيو ته عمران خان، عارف علوي ۽ وزير ذاتي حيثيت ۾ ڳالهيون ڪري سگهن ٿا، مان جج طور ذاتي حيثيت ۾ به ڳالهيون ڪري نٿو سگهان؟ عوام کي انصاف ٿيندي نظر به اچڻ گهرجي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي دليلن ۾ چيو ته گهڻو چالاڪ نه هجڻ سبب مان پنهنجو نقطو سمجهائي نه سگهيس، ٻن سالن کان منهنجي خلاف حڪومتي پروپيگينڊه ڪئي پئي وڃي، سپريم ڪورٽ جي جج ۽ ڪٽنب خلاف سرڪاري چئنل مان پروپيگينڊه ڪئي وئي، مسئلو 10 لک پگهار جو نه پر ملڪ جي مستقبل جو آهي ۽ اها ويڙهه مان پنهنجي اداري لاءِ وڙهي رهيو آهيان. پنهنجي دليلن دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جذباتي ٿي ويو ۽ عدالت کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن منهنجي جاءِ تي اوهان جي گهر واري ۽ ٻار هجن ها ته توهان ڇا ڪريو ها؟ سڀاڻي ڪنهن به جج کي گهيلجي سگهجي ٿو، جيڪڏهن فاضل ججن کي ڪا ڳالهه خراب لڳي هجي ته معذرت گهران ٿو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اڄ ملڪ ۾ ميڊيا جي حالت ڏسي وٺو، صحافين کي اسلام آباد مان اغوا ڪيو پيو وڃي ۽ صحافين جي اغوا تي وزيراعظم چوي ٿو ته مون کي ڪهڙي خبر ڇا ٿيو، صحافين تي تشدد ٿيو ڪنهن به جاچ نه ڪئي، ذميوارن جو نالو ٻڌايان ته منهنجي خلاف ريفرنس اچي ويندو. هن چيو ته اوڀر پاڪستان سانحي تي ڳالهايو وڃي ته خاموش ڪرايو ويندو آهي، هڪ فوجي ڊڪٽيٽر اقتدار جي حوس ۾ ملڪ تباهه ڪري ڇڏيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي دليلن ۾ وڌيڪ چيو ته جج صاحب هي قانون جي عدالت آهي، اسان کي ڪيس جا فيصلا ڪرڻا آهن، اوهان کي ڪنهن سان مسئلو آهي ته ان کي عدالت کان ٻاهر رکو، بهتر هوندو ته اسان پنهنجي حدن مان ٻاهر نه نڪرون. جسٽس منظور ملڪ چيو ته قاضي صاحب جذباتي نه ٿيو، ڪيس تي فوڪس ڪريو، ان تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته منهنجي ذات کي وساريو، ملڪ لاءِ جذباتي ٿي رهيو آهيان، لڳي ٿو ته اسان اڄ پاڪستان ۾ نه پر گٽر ۾ رهي رهيا آهيون. عدالت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي دليلن دوران ئي ٻڌڻي اربع تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
