53

ماتلي ويجهو سڱاوتي تڪرار تان ناٺي پيرسن سهري کي گهر آڏو گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

ماتلي (ويب ڊيسڪ) ماتلي ويجهو سڱاوتي تڪرار سبب ناٺي هٿان سهرو قتل، خبر موجب ماتلي ويجهو مزاري آئل فيلڊ ڀرسان ڳوٺ محمود لغاري ۾ ناٺي افتخار لغاري پنهنجي 50 سالن جي سهري پنهون لغاري تي پسٽل جا فائر ڪري گهر جي گهٽي تي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي ماتلي پوليس لاش کڻائي تعلقي اسپتال ماتلي آندو، ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ٻئي طرف قتل جو ڪارڻ سڱاوتي تڪرار ٻڌايو ويو آھي، آخري اطلاعن تائين ايف آءِ آر داخل ٿي نه سگهي هئي، جڏهن ته ڦلڪارا پوليس قتل ۾ ڄاڻايل جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهي آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو