161

ماضي جي ڊيلن ۽ اين آر او جو ڪيتو عوام کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي،48 ڪلاڪن اندر حقيقتون سامهون آڻينداسين: شهزاد اڪبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر جو چوڻ آهي ته ماضي جي ڊيلن ۽ اين آر او جو ڪيتو عوام کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي، ايون فيلڊ جي مد ۾ براڊ شيٽ کي 1.5 ملين ڊالر ڏنا ويا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر جو چوڻ هو ته نيب ۽ براڊ شيٽ ۾ معاهدو سال 2000ع ۾ ٿيو، ڊسمبر 2000ع ۾ نواز شريف ڊيل ڪري سعودي عرب هليو ويو، احتساب لاءِ شفافيت لازمي آهي، اسان کي پنهنجن ادارن تي به اعتماد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ماضي ۾ ڏنل اين آر او جي ڪري اڄ ڀوڳي رهي آهي، براڊ شيٽ کي 1.5 ملين ڊالر ايون فيلڊ جي مد ۾ ڏنا ويا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ نيب رڪوري ڪري رهي آهي، اسان کي پنهنجن ادارن تي اعتماد ڪرڻ گهرجي، 48 ڪلاڪن اندر حقيقتون سامهون آڻينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو