52

مانجهند ۾ غربت کي گهٽائڻ ۽ ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن: نسرين خان

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سماجي تنظيم ٿرديپ جي وفد مانجهند تعلقي جي يوسي آمري ۽ يوسي شالماڻي جو دورو ڪري مٺي پاڻي جي فراهمي لاءِ هلندڙ اسڪيمن جو معائنو ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن سان گڏجاڻي ڪري ڪم بابت ڄاڻ ورتي. سماجي تنظيم ٿرديپ جي ضلعي مئنيجر نسرين خان، مانجهند تعلقي جي انچارج زرياب ڪاڪا، انجنيئر رميز کوسو ۽ نيلوفر گڏجي يوسي آمري ۽ يوسي شالماڻي جو دورو ڪيو، جتي وفد ٿرديپ پاران هلندڙ مٺي پاڻي جي فراهمي واري اسڪيمن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ٿرديپ ضلعي مئنيجر نسرين خان جو چوڻ هو ته ٿرديپ پاران تعلقي مانجهند ۾ سڪسيس پروجيڪٽ تحت غربت کي گهٽائڻ ۽ ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ورتيون پيون وڃن، هن پروجيڪٽ تحت صاف پاڻي جي فراهمي، بغير وياج جي قرض، هيلٿ انشورنس ڪارڊ سميت غربت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي. ان موقعي تي  ڳوٺاڻن پاران مٺو پاڻي فراهم ڪرڻ تي ٿرديپ جو شڪريو ادا ڪيو  ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو