11

ماڻهو چون ٿا ته پراڻن چورن کي واپس آڻيو ته جيئن ماني ملي سگهي:فضل الرحمان

لورالائي (م ڊ) جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان هن ملڪ ۾ ادارن جي بالادستي کي نه مڃينداسين ۽ هتي عوام جي بالادستي ٿيندي. لورالائي ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته ڌانڌلي واري حڪومت کي رد ڪريون ٿا، اسان جي ويڙهه پارليامينٽ جي خودمختياري، قانون تي عمل ڪرائڻ ۽ پاڪستان ۾ حقيقي جمهوريت جي بحالي لاءِ آهي، ملڪ جون سموريون سياسي پارٽيون ۽ قوم هڪ پليٽ فارم تي آهي. هن چيو ته ياد رکو ته عمران خان کي وڃڻو ئي آهي، هي جعلي حڪومت، جعلي وزيراعظم آهي،  هن کي ته عقل ئي نه آهي، هن جو ڪوبه نظريو نه آهي، ڪڏهن چوي ٿو ته رياست مدينه هجڻ گهرجي، ڪڏهن چوي ٿو ته چيني نظام هجڻ گهرجي، ڪڏهن چوي ٿو ته ايراني نظام جي ضرورت آهي، وري ڪڏهن چوي ٿو ته آمريڪي نظام هجڻ گهرجي. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته اڄ اسان آزادي جي ويڙهه وڙهي رهيا آهيون، اسان پاڪستان کي آمريڪي ڪالوني ٺاهڻ نه ڏينداسين، ملڪ ۾ جمهوري ماحول نه آهي، اسان آئين جي بالادستي چاهيون ٿا. هن چيو ته ماڻهو حڪومت کان بيزار ٿي چڪا آهن، اهي حڪمران ٻين تي الزام مڙهي رهيا آهن ته هي چور آهن ۽ هو چور آهن، اڄ اهڙي حڪومت آئي آهي ته ماڻهو چون ٿا ته پراڻن چورن کي واپس آڻيو ته جيئن ماني ملي سگهي، هن حڪومت ملڪي معيشت کي ڪٻاڙ ڪري ڇڏيوآهي، غريب بازارن مان شيون خريدڻ جي قابل نه رهيو آهي، مائرون بازارن ۾ پنهنجا ٻچا وڪرو ڪري رهيون آهن، والدين پنهنجي ٻارڙن کي واهه ۾ اڇلائي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته وٽن انهن کي پالڻ لاءِ پئسا نه آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو