52

مبارڪپور ۾ ڊي اي پي اڻلڀ، قيمتن ۾ واڌ بعد ڊيلرن ذخيرو ڪري ڇڏيو

مبارڪپور (رپورٽ: الهرکيو ٻرڙو) ٺل تعلقي ۾ ڊي اي پي ڀاڻ اڻلڀ، قيمتن ۾ واڌ بعد ڊيلرن گدامن ۾ ذخيرو ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ مبارڪپور، ميان ڳوٺ، ميرپورٻرڙو، ڀٽي اسٽاپ، نئين واهه سميت سڄي تعلقي ۾ ڊي اي پي اڻلڀ ٿي ويو آهي، تعلقي ۾ ڀاڻ نه ملڻ سبب سبزي، فروٽ ۽ ٻيا فصل ڪاهيندڙ آبادگار سخت پريشان آهن، جڏهن ته فصلن کي به نقصان ٿي رهيو آهي، ان حوالي سان آبادگارن موسيٰ جان بروهي، ڌڻي بخش مهر، غلام نبي سومرو ۽ ٻين ”سوڀ“ سان ڳالهائيندي چيو ته سبزي ۽ فروٽ سميت هر فصل لاءِ ڊي اي پي اهم آهي، هنن چيو ته مهيني ۾ 3 ڀيرا ڀاڻ جا اگهه وڌايا ويا، جنهن بعد في ٻوري 5 هزار تائين پهتي آهي، هنن چيو ته مسلسل رقم وڌڻ بعد ڊيلرن ڀاڻ اسٽاڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو هڪ اڌ وڪرو به ڪري ٿو ته من پسند رقم پيو وٺي، نه ته اڪثر بليڪ تي وڪرو ٿي رهيو آهي، جيڪو آبادگارن ۽ هارين سان سراسر ظلم آهي، هنن سنڌ حڪومت ۽ اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڊيلرن خلاف ڪارروائي ڪري ڀاڻ هر مارڪيٽ ۾ حڪومتي اگهه تي دستياب ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو