ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحده ڪنوينر خالد مقبول صديقي ڊي سي ڪراچي سينٽرل راجا ڌاريجو کي کليل ڌمڪي ڏئي ڇڏي، ڪراچي جي سينٽرل ضلعي ۾ گرائونڊن ۽ پارڪن تي قبضن خلاف آپريشن تي متحده اڳواڻ آپي کان ٻاهر نڪري ويا آهن، متحده ڪنوينر ۽ وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ڊي سي ۽ ايڊمنسٽريٽر راجا ڌاريجو کي کليل ڌمڪي ڏيندي چيو ته راجا ڌاريجو ٻيهر گرائونڊ تي نه اچجان، ڪراچي اوهان جي پيءُ جو ناهي، ڪنهن جي اجازت سان ٿا علائقي ۾ اچو، اوهان کي اتي موڪلينداسين جتان آيا آهيو، هن چيو وڌيڪ چيو ته ٻاهر کان آيل آفيسرن کي خبردار ٿو ڪريان، اوهان کي هتي رهڻ نه ڏنو ويندو، ٻئي طرف خالد مقبول جي اهڙي ڌمڪي تي کيس شديد تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
