سنڌ جي زمينن جي نيلامي خلاف سانا جي سڏ تي هيوسٽن ۾ پاڪستاني قونصل خاني آڏو احتجاج ڪيو ويو آهي، پڌرائي ۾ اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ جا مالڪ صرف سنڌي آهن، زمين ڌارين کي ڏيڻ بدران غريب هارين ۾ ورهائي وڃي
سانا طرفان ڊاڪٽر ماھ رنگ بلوچ ۽ کنڀيل بلوچن جي وارثن مٿان اسلام آباد ۾ ٿيل تشدد جي به مذمت ڪئي وئي آهي
سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا پاران سنڌ جي زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ليز ڪرڻ واري فيصلي خلاف ٽيڪساس رياست جي شهر هيوسٽن ۾ پاڪستاني قونصل خاني ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
مظاهري کي سانا جي ايڊووڪيسي اينڊ رائيٽس ڪاميٽي جي ڪنوينر ذاڪر بُلو ۽ سانا باءِ لاز ڪاميٽي جي چيئرمين طلعت ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي زمين، معدني وسيلا ۽ ٻيٽن سميت سنڌ جي انچ انچ جا مالڪ صرف سنڌي آهن
هنن چيو ته اشرافيه ۽ مافيا طرفان اڳ ئي سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن، بدين، ٺٽي، ڪراچي، ڪاڇي ۽ ڪوهستان جي زمينن تي قبضي کانپوءِ هاڻي رهيل سنڌ تي به قبضو ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي