تازہ ترین

وزيراعظم شهباز شريف سان سعودي وفد جي ملاقات، پي آءِ اي سميت ڪيترن ئي منصوبن ۾ سرمائيڪاري جي آڇ

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف سان سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. جنهن دوران پاڪستان ۾ سرمائيڪاري جي منصوبن تي ڳالهيون ڪيون ويون

وفد ۾ سعودي جو سرمائيڪاري بابت نائب وزير انجنيئر ابراهيم بن يوسف المبارڪ، سعودي ماحوليات، آبي وسيلن ۽ زراعت بابت وزير انجنيئر عبدالرحمان بن عبدالامحسن الفضلي، سعودي صنعت ۽ معدني وسيلن وارو وزير انجنيئر بندر بن ابراهيم بن عبدالله الخريف ۽ اعليٰ سعودي اختياريون ۽ سفارتي اهلڪار به شامل هئا

وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندڙ اهڙي ملاقات ۾ اسحاق ڊار سميت وفاقي وزيرن خواجه محمد آصف، محسن رضا نقوي، ڄام ڪمال خان، رانا تنوير حسين، عبدالعليم خان، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردار اويس خان لغاري، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ محمد جهانزيب خان، قومي اسيمبلي جي ميمبر رومينه خورشيد عالم ۽ حڪومتي اختياريون به شريڪ ٿيون

سمورن وزيرن پنهنجي وزارتن بابت منصوبن جي باري ۾ بريفنگ ڏني. سعودي وفد کي ٽرانميشن لائنز سولر پراجيڪٽس ۾ سرمائيڪاري بابت به تجويزون ڏنيون ويون. وفد کي پي آءِ اي، ايئر پورٽس جي نجڪاري، اسلام اباد ۾ 2 فائيو اسٽار هوٽلز ۾ جوائنٽ وينچر جي آڇ ڪئي وئي. تجويز موجب هوٽلز جي لاءِ زمين سي ڊي اي جي هوندي. سرمائيڪاري سعودي عرب ڪري يا پوءِ اهو چاهي ته پاڻ هوٽل ٺاهي هلائي. وفد کي مٽياري ٽرانسميشن لائين ۽ فرسٽ وومين بينڪ جي به آڇ ڪئي وئي

سعودي وفد کي هيلٿ سٽي ٺاهڻ جي به آڇ ڪئي وئي ان جي لاءِ سي ڊي اي پارٽنر بنجڻ يا زمين ڏئي پئسا وٺڻ جي لاءِ به تيار آهي. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب مشڪل وقت ۾ هميشه پاڪستان جو ساٿ ڏنو. پاڪستان جو دورو سعوديه اسٽريٽجڪ ۽ واپاري ڀائيواري جي نئين دور جي شروعات آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ واچار ۽ سرمائيڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي  هٿي ڏيڻ جا خواهشمند آهن. ملاقات ۾ فلسطين جي والاريل علائقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳالهيون ٿيون

ذريعن موجب سرمائيڪاري منصوبن جي حوالي سان ايس آءِ ايف سي مرڪزي سيڪريٽريٽ سمورو ڪم ڪري رهيو آهي. سعودي وفد صدر زرداري ۽ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان به ملاقات ڪندو. وزيراعظم سعودي وفد سان گڏ مختلف پراجيڪٽس کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ سمورن معاملن جي نگراني ڪري رهيو آهي

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com