ڪراچي: ملڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي
اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب، اڄ ڪاروبار جي پڄاڻي تائين انٽربئنڪ ۾ ڊالر 17 پئسا مهانگو ٿيو
اسٽيٽ بئنڪ موجب، انٽربئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جي قيمت 278 رپيا 29 پئسا آهي
ياد رهي ته انٽر بئنڪ ۾ گذريل ڏينهن ڊالر 18 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 278.12 رپين تي بند ٿيو هو