تازہ ترین

وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد: وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 4 روپيه 53 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 293 روپيه 94 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي قيمت ۾ 8 روپيه 14 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي. ڊيزل جي نئين قيمت 290 روپيه 38 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

گاسليٽ جي قيمت ۾ 6 روپيه 54 پئسا اضافو ڪيو ويو آهي. لائٽ ڊيزل آئل جي نئين قيمت 174 روپيه 34 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. پيٽرول ۽ ڊيزل تي پيٽروليم ليوي 60.60 روپيه في ليٽر تي برقرار آهي.

نيون قيمتون گذريل رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويون آهن. پيٽرول ۽ ڊيزل جون نيون قيمتون ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ هونديون. ناڻي واري وزارت موجب  عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن جي ڪري مجبورن قيمتون وڌائڻيون پيون.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com