وفاقي حڪومت، ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف گڏيل آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته پوليس سميت سمورا سڪيورٽي ادارا چيني شهرين جي حفاظت لاءِ ايس او پيز 100 سيڪڙو يقيني بڻائين ان سلسلي ۾ ڪنهن قسم جي ڪوتاهي برادشت نه ڪئي ويندي
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان عملدرآمد جائزه ڪميٽي جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ چيني شهرين جي سڪيورٽي جي قدمن جو جائزو ورتو ويو
اجلاس ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري، نيڪٽا سربراه، ڊي جي ايف آءِ اي،چئني صوبن سميت آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد جا آءِ جيز، گهرو سيڪريٽريز، نيڪٽا، انٽيليجنس ادارن جي نمائندن ۽ چيف ڪمشنرز به شرڪت ڪئي
اجلاس ۾ ڪچي واري علائقي ۾ گڏيل آپريشن ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو، ان کانسواءِ اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ پوليس کي جديد ٽيڪنالوجي ڏيڻ تي به بريفنگ ڏني وئي
نيشنل ايڪشن پلان عملدرآمد جائزي واري ڪميٽي جي اجلاس ۾ پوليس کي نئين ٽيڪنالوجي فراهم ڪرڻ تي تفصيلي مشاورت ۽ حفاظتي قدمن تي به بريفنگ ڏني وئي
اجلاس ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪرڻ وارن جي چرپر کي محدود ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو
اجلاس کي خطاب ڪندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پرڏيهي شهرين جي حفاظت جي ايس او پيز تي عملدرآمد ۾ غفلت تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي محسن نقوي چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجي ادارن کي جديد ٽيڪنالوجي سان ليس ڪرڻو آهي، وفاق ان ڏس ۾ صوبن کي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندو، ڪچي مان شرپسند عنصرن جو گڏيل آپريشن سان مستقل خاتمو آندو ويندو، ڪچي ۾ گڏيل آپريشن لاءِ ڊرونز سميت جديد ٽيڪنالوجي کي استعمال ۾ آندو ويندو