ڊي آءِ خان ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪري 8 دهشتگرد مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي
سي ٽي ڊي ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگردن ۾ انتهائي گهربل دهشتگرد جهانزيب به شامل آهي، مارجي ويل دهشتگرد ڪسٽم اهلڪارن تي حملن ۾ ملوث هئا
اينٽي ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪسٽم اهلڪارن تي دهشتگردن جي فائرنگ سبب هڪ ناري به مارجي وئي، مارجي ويل دهشتگرد ڀتا خوري، سڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا
سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته دهشتگرد دهشتگردي جو منصوبو ٺاهي رهيا هئا. اينٽي ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جو چوڻ آهي ته مقامي آبادي ۾ دهشتگردن جي سهولتڪارن جي موجودگي جو خدشو آهي، جنهن لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي